جعفر شاهه مورائي

جعفر شاهه مورائي: موري تعلقي جو مشهور استاد جعفر شاهه مورائي 1901ع ۾ موري شهر ۾ جنم ورتو، پاڻ مٽياري سيدن جي خاندان مان هو ۽ سندس والد جو نالو غلام محمد شاهه هو. سنڌي فائنل نمايان نمبرن سان پاس ڪرڻ بعد، پرائمري استاد ٿيو ۽ اڳتي هلي بيٽ آفيسر مقرر ٿيو. عربي، فارسي ۽ اردوءَ جو ماهر هو، تقرير ۽ تحرير ۾ ڀڙ هو. شاهه جو رسالو سمورو ياد هئس، علمي ادبي ذوق جو مالڪ هو، سندس تخليقون ماهوار المهراڻ، ملا مخزن ۽ اخبار تعليم ۾ شايع ٿينديون هيون. هزارين ڪتابن جي ذاتي لائبريري هئس، جيڪا بعد ۾ صادق آل محمد لائبريري موري کي ڏنائين. نماز، روزي جو پابند ۽ هٿ جو سخي ۽ مهمان نواز هو. سنڌي ٻوليءَ سان وڏي محبت رکندو هو، سندس شاگردن ۾ استاد محمد ڇٽل سرهيو، نامور اديب قاضي نذير مورائي، قاضي محمد علي اختر مورائي، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، خدا بخش سهتو ۽ ٻيا شامل آهن. سندس وڏو فرزند سيد پناهه علي شاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. سندس ٻيو فرزند سيد اشرف علي شاهه سنڌي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس ٽيون فرزند معصوم علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر هو، چوٿون فرزند سيد ناصر علي شاهه ناصر مورائي جي نالي سان مشهور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، سندس پنجون فرزند محبوب علي شاهه مورائي مشهور قومي ڪارڪن هو، ڇهون فرزند سيد نثار علي شاهه آمريڪا ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو آهي. سيد جعفر علي شاهه مورائي، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو .


لفظ جعفر شاهه مورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.00.00  عيسوي

جعفر شاهه مورائي 1901ع ۾ موري شهر ۾ جنم ورتو


1990.05.14  عيسوي

جعفر علي شاهه مورائي ، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم کرل
درٻيلوي شيخ حميد
عدر سلطان ميان
ساڌو هيرانند
رحيم فقير ڪلهوڙو
سيٺ محمود علي ميمڻ
انور جوکيو
چنا محمد عالم
آچار ڪاڪو
جارج-6
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون